ٻانڀڻائيءَ جي ترائي

ٻانڀڻائيءَ جي ترائي: ھيءَ ترائي عمرڪوٽ ضلعي جي ڀٽن واري ڀاڱي ۾ اچي ٿي. جيڪا عمرڪوٽ کان ڇاڇري ويندڙ روڊ جي ڏکڻ پاسي بلڪل ڪناري سان لڳو لڳ آھي، ھتي وسڪاري جو پاڻي ڪافي عرصو جٽاءُ ڪري ٿو، جنھن سبب آسپاس جا ماڻھو پنھنجي مال کي پاڻي پيارڻ لاءِ ھتي ايندا آھن. ھيءَ ترائي اھم رستي تي ھئڻ سبب وڏيءَ اھميت واري آھي. ڏڪار توڙي سڪار ۾ مالوند مارو ايندي ويندي ڌڻن سميت ھتي ڊاٻو ڪندا آھن .


هن صفحي کي شيئر ڪريو